پراڻي ديري واري ڍنڍ

پراڻي ديري واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو تعلقي جي تاريخي ڳوٺ پراڻي ديري لڳ آهي. ڪنهن زماني ۾ هتان ڪافي مڇي مرندي هئي، پر درياهه ۾ پاڻي نه هئڻ سبب هن وقت ڍنڍ خشڪ ساليءَ جو شڪار رهي ٿي ۽ ڍنڍ جو وڏو حصو پوک هيٺ اچي چڪو آهي. پراڻو ديرو درياهي بندر رهيو آهي. انگريزن جي زماني ۾ هن بندر تان لهندڙ مال ريل رستي ڦلجي اسٽيشن تي پهچايو ويندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو